Radio Voice of Sindh, London

iOS app by Chanchal Raj. Music · Chanchal Raj

Store rating
0 / 5
Store rating count
0
Download price
Free to download
In-app purchases
Unknown
Version
1.2.2
Listing last refreshed
2026-09-14

View the original store listing

Store description excerpt

پهريون ويب ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن پنهنجي نشريات جو آغاز 10 آگسٽ 2012 تي ڪيو. اسان جو مقصد دنيا جي گولي تي رهندڙ سنڌين کي هڪ لڙي ۾ پوئي هڪ شاندار قوم واري حيثيت ڏيارڻ آهي. اسان جي اها ڪوشش هوندي ته سنڌي ثقافت ، ٻولي ، تهذيب ، ادب ، علم ، تاريخ ۽ موسقي کي فروغ ڏيون. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مسلسل جاکوڙيندي رهي آهي ، ڌارين جي يلغار جو مقابلو ڪندي رهي آهي. ان جي گڏجي مالڪي ڪيون. سنڌ دنيا جي خوشحال خطن ۾ شمار ٿئي ٿي. قدرتي وسيلن تيل ، گئس ، ڪوئلي . بندرگاه ، زراعت ۽ سنڌو دريا جي نعمتن سان مالا مال آهي. سنڌ جي ڌڻين جن کي تعليم ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ هر طرف بک ، بدحالي ، مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ جو حقيقي روپ ميٺ محبت ، صوفي ازم ۽ مذهبي رواداري شديد متاثر ٿي آهي. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اهو مشن آهي ته سنڌ جي گھگھرن سان گڏجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون. تعليم جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحتون استعمال ڪيون. ريڊيو جي پروگرامن وسيلي سنڌواسين کي اهو احساس ڏياريون ته سنڌ جي مالڪي ڪيو. سنڌ اندر ٿيندڙ بيواجين تي گھري نظر رکو. اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته ريڊِيو جي نشريات کي انتهائي معياري بنايون. ويب ٽي وي ۽ اڳتي هلي لنڊن مان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ مڪمل تي وي چينل شروع ڪري سگھون. ڇاڪاڻ سنڌ جو اصل روپ دنيا اڳيان آڻڻ لاءِ انٽرنيشنل سطح تي ميڊيا ۾ سنڌين جو اثرائتو آواز هجڻ ضروري آهي. اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته تعليم جي ميدان ۾ اسان ڪا اڳڀرائي ڪري سگھون. بند پيل اسڪول کوليون ، جيڪي ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن انهن کي تعليم جي روشني سان آراسته ڪريون. اسان جي سنڌواسين کي اها به گذارش آهي ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي پنهنجو آواز سمجھن ۽ جتي به علم ، ادب بابت جيڪي به پروگرام ٿين ٿا. انهن کي سموري دنيا ۾ آباد سنڌين تائين پهچائڻ لاءِ نمائندگي وارو قومي ڪردار ادا ڪن. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن سنڌواسين جو گڏيل آواز آهي. ان کي مضبوط ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ هر طرح جو سهڪار ڪريو. جڏهن سنڌ جا گھڻگھرا اسان جي رهنمائي ۽ سهڪار ڪندا ته اسان سنڌ قوم جو وڃايل وقار ۽ مان ڏيارڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسون. هي گڏيل مشن آهي جيڪو اسان گڏجي پورو ڪري سگھنداسون.

Review coverage

AppRill has captured 0 reviews for this app. This is a collected sample, separate from the store rating count. Latest review capture: Not captured yet.

Recent captured chart positions

No chart positions have been captured for this app yet.

Chart position, rating count and review coverage do not establish downloads, revenue or profit. Understand the differences.